+++ to secure your transactions use the Bitcoin Mixer Service +++

 

مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

آخرين سنڌي (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايڪانيڪي يا ون ايڪٽ ناٽڪن جو هيءَ مجموعو هند سنڌ جي مشهور اديب ڄيٺي لالواڻيءَ جو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس لکيل 9 ايڪانيڪي ناٽڪ شامل آهن. ڄيٺي لالواڻي ناٽڪ ۾ بطور ڪلاڪار، ليکڪ ۽ هدايتڪار ٿي به پاڻ ملهايو آهي ۽ کيس ناٽڪن تي ٻه اوارڊ به مليا آهن. هن مجموعي ۾: ”عمر مارئي، انت ويلو، ڀاڀي، اننت ياترا، آخرين سنڌي، سونا ڪنگڻ، سرءُ جو سُک، تون ڪير آهين ۽ پڃري ۾ شينهن“ عنوان سان ناٽڪ شامل ڪيل آهن. رنگين سرورق سان ڇپيل، 136 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ليکڪ 2009ء ۾ اسڪين ڪمپيوٽرز احمد آباد (انڊيا) مان ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.[1]