بيهڪ جون نشانيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيھڪ جون نشانيون جملي جي معنى سمجهڻ لاءِ بيھڪ جون نشانين جو درست استعمال تمام گهڻو ضروري ھوندو آهي. بيھڪ جي نشانين کان سواءِ جملو بي معنى ۽ اڍنگو پڻ لڳندو آهي. سنڌي ۾ ٻولي هيٺين مکيه نشانين جو ڪارج ٿيندو آهي.

پورو دم (.)[سنواريو]

پورو دم [.] (Full Stop or Period) جڏهن هڪ ويچار وارو جملو پورو ٿيندو آهي، تڏهن سندس پڇاڙي ۾ پوري دم جي نشاني ڏبي آهي. پڙهڻ وقت اُتي چڱو ساهي پٽجي.

مثال طور: هالار اڄ شھر ڪو نہ ويندو.

ڪولن (:)[سنواريو]

ڪولن [:] (Colon) هن نشاني جو ڪارج ڳالھ ٻولھ ۾ ڪنھن ماڻهو جي چيل لفظ هوبھو ساڳيا لکڻا هجن يا ڪن شين جي ياداشت لکجي ته اڳيان ڪولڻ جي نشاني ڏجي.

مثال طور
چوڻي آهي : انسان کي کپي: اٽو، لٽو ۽ اجهو.

اڌ دم (؛)[سنواريو]

اڌ دم [؛] (Semi-Colon) جنھن جملي جا ٻہ يا وڌيڪ ڀاڱا هجن ۽ انهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي، يا ٻہ ڌار ڌار ويچارن وارا اصطلاح گڏ اچن يا انهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو هجي، اُتي اڌ دم ڏجي.

مثال طور: بادشاھ پنهنجي عقل سان ملڪ هلائي ٿو؛ سپاهي ان لاءِ وڙهي ٿو؛ جج انصاف ڪري ٿو؛ استاد علم سيکاري ٿو؛ اهڙي ريت هي سنسار هلي ٿو.

ٿورو دم (،)[سنواريو]

ٿورو دم [،] (Comma) ڪنھن بہ جملي ۾ ٻہ يا وڌيڪ ٻولين، شين يا ماڻهن جا نالا، اصطلاحون ڪم آيل هجن، تہ هر هڪ جي پٺيان ٿوري دم جي نشاني ڏبي آهي.

مثال طور:

هالار، سرواڻ، سرويچ ۽ دودو ڀنڀور گهمڻ ويا آهن.
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽو سنڌ جي راڄ ڌاني رهيا آهن.

مرد هجي يا عورت، ٻار هجي يا ٻڍو، امير هجي يا فقير سڀني کي ڌڻي در ج جهڪڻو آهي.

سوال جي نشاني (؟)[سنواريو]

سوال جي نشاني [؟] (Question-Mark) ڪنھن بہ جملي ۾ سوال پڇڻ جو مطلب رکيل هجي تہ پويان سوال جي نشاني ڏجي.

مثال طور:

اوهان جو نالو ڇا آهي؟
اڄ ڪھڙو ڏينھن آهي؟

عجب جي نشاني (!)[سنواريو]

عجب جي نشاني [!] (Exclamation-Mark) هي نشاني حرف ندا کان پوءِ استعمال ٿيندي آهي، يعني تہ جڏهن جملي ما حيرت، عجب، افسوس، ڏک، ارمان، سڏ، جوش ۽ خوشي ظاهر ٿئي تہ ان جي پويان عجب جي نشاني ڏجي.

شاباس! هير اڄ اوهان هڪ غريب جي مدد ڪئي آهي.
واھ واھ! سڀاڻي عيد آهي.
مار! ايڏو وڏو نانگ.
گهوڙا ڙي گهوڙا! گهر کي باھ لڳي وئي.

قول/ڳالھ/واڪ جي نشاني (" ")[سنواريو]

قول/ڳالھ/واڪ جي نشاني [" "] (Quotation-Mark) قول جي نشاني يا واڪ جي نشاني تڏهن ڏبي آهي جڏهن ڪنھن جا چيل لفظ جملي ۾ استعمال ڪجن، تہ اُتي واڪ جون نشانيون ڏجن.

مثال طور: ٽيپو سلطان جو قول آهي :"گدڙ جي سئو سال زندگي کان شينهن جي هڪ ڏينھن جي زندگي بھتر آهي."
چوندا آهن تہ: " ماسيون نہ مائون ٿين، ڪاڪا نہ پيءَ ٿين."

ڏنگيون ( )[سنواريو]

ڏنگيون ( ) (Brackets) ڪنھن ٻول يا لفظ يا جملي کي وڌيڪ چٽو يا صاف ڪرڻ لاءِ جملي جي وچ ۾ ڏنگين جا نشانن ۾ رکڻو پوندو آهي.

مثال طور:

حضرت علي جو لقب اسد الله (الله جو شينهن) آهي.
شمس العلماء (عالمن جو سج ) عمر بن محمد دائودپوٽو وڏو عالم هو.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي (1689-1752) عظيم شاعر ٿي گذريو آهي.