عالمگيريت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عالمگيريت (Globalization) سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪرامتي ايجادن دنيا کي هڪ ڳوٺ (Global Village) بڻائي ڇڏيو آهي. دنيا جون تھذيبون ۽ ثقافتون هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيون آهن، فاصلا گهٽجي رهيا آهن، ٻوليون هڪ ٻئي جو اثر قبول ڪري رهيون آهن، نوان نوان لفظ، سائنسي ۽ غير سائنسي هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي رهيا آهن، قديم آثارن جي کوٽائيءَ مان نيون تھذيبون ظاهر ٿيون آهن. ادبي لاڙا ۽ تحريڪون پڻ هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. اهي سڀ ڳالهيون ادب تي بہ اثر انداز ٿيون آهن. ان ڪري عالمگيريت ادب توڙي سماج جو حصو بڻجي وئي آهي. عالمگير قدر ادب جو حصو بڻجي ويا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.