ڊيش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊيش
اي اين ليڪ اي ايم ليڪ افقي ليڪ
اِضافت   '
ڏنگيون [ ]  ( )  { }  ⟨ ⟩
دم :
ڪاما (اڌ ساهي) ,  ،  
ڊيش يا ليڪ ‒  –  —  ―
ڊاٽس يا ٻڙيون   ...      
عجب جي نشاني  !
فل اسٽاپ, پورو دم .
guillemets ‹ ›  « »
ڳنڍيندڙ ليڪ يا هائيفن
hyphen-minus -
سوال جي نشاني ؟
ڪوٽيشن مارڪ ‘ ’  “ ”  ' '  " "
سيمي ڪولون ;
slash, stroke, solidus /    
interpunct ·
space     
ampersand &
ايسٽيرسڪس *
at sign @
backslash \
basis point
bullet
caret ^
dagger † ‡ ⹋
degree °
ditto mark
برابر جي نشاني =
inverted exclamation mark ¡
inverted question mark ¿
komejirushi, kome, reference mark
multiplication sign ×
number sign, pound, hash #
numero sign
obelus ÷
ordinal indicator º ª
percent, per mil  % ‰
plus, minus + −
plus-minus, minus-plus ± ∓
pilcrow
prime     
section sign §
tilde ~
underscore, understrike _
vertical bar, pipe, broken bar |    ¦
copyright ©
copyleft 🄯
sound-recording copyright
registered trademark ®
service mark
trademark
currency sign ¤

؋฿¢$֏ƒ£元 圆 圓 ¥ 円

asterism
fleuron, hedera
index, fist
interrobang
irony punctuation
lozenge
tie
Related
In other scripts
* Category Category

ڊيش (Dash) يا ليڪ (-) ڪنھن مڪمل جملي کان اڳي جيڪڏهن، معنيٰ طور، يا سمجهاڻي طور ڪجهہ لکيو وڃي ۽ پوءِ جملو شروع ڪيو وڃي تہ اهڙي حالت ۾ سمجهاڻي ۽ جملي جي وچ ۾ ليڪ ڏني وڃي پر جيڪڏهن پھريائين جملو ۽ پوءِ سمجهاڻي تہ اهڙي حالت ۾ دم (Colon) جي نشاني ڏني ويندي آهي. يا ائين تہ جيڪڏهن ڪنھن جملي جو پورو مطلب نہ نڪري ۽ جملي جي سمجهاڻي لاءِ ڪي خاص لفظ ڏيڻا هجن تہ وڇوٽي يا ليڪ ڏني وڃي.

مثال:

  1. هن کي مار ڏني، برو ڀلو چيو، ۽ هن جو سامان در کان ٻاهر اڇلايو - احمد تمام خراب رويو اختيار ڪيو.
  2. جنگ، امن، سياست ۽ محبت - اسان ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهيون ڪيون.
  3. هوڏانهن مير بہ انگريزن سان ناتي ڳنڍڻ ۾ ناراض هئا، جيتري قدر انگريز پاڻ - خاص ڪري اهڙي طاقت سان، جنھن مان کين ڊپ هو.
  4. انگريزن کي هاڻي ميرن سان گهاٽي رستي رکڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانہ هئي - خاص ڪري جڏهن هنن ميرن کي جاهل قوم ڪري ٿي لکيو.

افسانوي ادب ۾ ليڪ جملي ۾ خيال جي وضاحت، اهميت ۽ سمجهاڻي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿوري دم لاءِ بہ ليڪ استعمال ڪئي ويندي آهي، جنهن جو مطلب لفظن کي وڌيڪ نمايان ڪرڻ هوندو آهي. يا انهي لاءِ ليڪ ڏني ويندي آهي ته جذبي جي جھڙي شدت لکندڙ ۾ هجي اهڙي پڙهندڙن ۾ بہ پئدا ڪئي وڃي. اهڙي طرح ٽوڪ ۽ طنز طور استعمال ٿيل فقرن جي اڳيان بہ ليڪ ڏني ويندي آهي. جيئن تحقيقي لکيتن ۾ ڪنھن لفظ يا ڳالهہ جي سمجهاڻي لاءِ ڏنگيون ڏنيون وينديون آهن تيئن افسانوي ادب ۾ وري ڏنگين جي بدلي ۾ اڳيان پٺيان ليڪون ڏنيون وينديون آهن. انهي کان سواءِ ليڪ جي پٺيان آيل فقري ۾ نئين خيال جي نشاندهي بہ ڪئي ويندي آهي. مثال:

مير فتح علي خان ملڪي حڪومت ۾ پنھنجي ٽن ڀائرن - غلام علي، ڪرم علي، مراد علي، کي بہ ڀائيوار ڪيو.

هيءَ بيھڪ جي نشاني، ليڪ (-). عام طور تي ننڍڙي ليڪ، جملي ۾ اوچتو خيال جي يا موڊ جي تبديليءَ ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪبي اھي، جنھن سان تسلسل ۾ تبديليءَ جو اھڃاڻ ملندو اھي- يا وري ساڳيو خيال ٻہ ڀيرا ورجائڻ مھل بہ ننڍڙي ليڪ ان کي ظاھر ڪندي آھي. مثال: جڏھن اخري ڀيرو مون ھن سان ڳالھايو- ڪو مھينو کن اڳ- ھن تہ اھڙي ڪا ڳالھ ڪانہ ڪئي. اسڪول جو پرنسپال- نالو الائي ڇا اٿس- ڏاڍو سخت ماڻهو اھي. ان کان بہ ننڍڙي ليڪ (Hyphen) انگريزي ۾ ڪن مرڪب لفظن جي وچ ۾ بہ لڳندي آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.